امداد حيدر سولنگي

امداد حيدر سولنگي

امداد حيدر سولنگي

امداد حيدر سولنگي: شاعر، نقاد ۽ مضمون نويس امداد حيدر ولد ڊاڪٽر سليمان سولنگي، 26 سيپٽمبر 1976ع تي ڳوٺ حافظ خان محمد سولنگي، تعلقي موري، ضلعي نوشـھري فيروز ۾ جنم ورتو. ابتدائي ثانوي ۽ اعليٰ ثانوي تعليم پنھنجي ڳوٺ ۽ موري شھر مان حاصل ڪئي. ان کانپوءِ سنڌ يونيورسٽي مان بي. اي (بين الاقوامي تعلقات) ۽ ايل ايل بي (سنڌ مسلم لا ڪاليج ڪراچي) جون ڊگريون حاصل ڪيون. هن پنھنجي ادبي سفر جي شروعات ’گل ڦل‘ رسالي ۾ لکڻ سان ڪئي. سندس پھريون شعري مجموعو ’ماٺ جي موسم‘ 2007ع ۾ شايع ٿيو. سنڌي ادبي سنگت شاخ موري جي گڏجاڻين ۾ پابندي سان شريڪ ٿيندي، مختلف صنفن ۾ شاعري ڪئي آهي پر غزل سندس پسنديده صنف آهي. بين الاقوامي ادب تي سندس لکڻيون ادبي حلقن ۾ مڃتا ماڻي چڪيون آهن. ان کان علاوه موجوده وقت ۾ ادبي ڪارگذارين سان گڏ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ وڪالت ڪري رهيو آهي. سنڌي ادبي سنگت شاخ ڪراچي ۽ موري جو سيڪريٽري، ملير بار ائسوسيئيشن ڪراچي جو جنرل سيڪريٽري، جوائنٽ سيڪريٽري ۽ لائبريرين پڻ رهي چڪو آهي. مشھور شاعره، سماج سڌارڪ ۽ قانوندان فائزه ايوب سندس جيون ساٿياڻي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1976.09.26  عيسوي

شاعر، نقاد ۽ مضمون نويس امداد حيدر ولد ڊاڪٽر سليمان سولنگي، 26 سيپٽمبر 1976ع تي ڳوٺ حافظ خان محمد سولنگي، تعلقي موري، ضلعي نوشـھري فيروز ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سُورج مل اُڌيپوري
آغا ثناالله
مولانا محمد نصرالله سومراڻي
لياقت علي جتوئي
الطاف حسين 2
آشا درگاپوري
راجا پرويز اشرف
زيبا بختيار
ٿڌاڻي اين وي
امام علي مرزا ڊاڪٽر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون